واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير احسن اقبال اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جلد شروع ٿي ويندو. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جون 2023 تائين وڌائڻ جي به اميد آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسين جو تسلسل سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي.










