آءِ ايم ايف موجب بجلي، گيس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف تي وڌيڪ مهانگي بجلي ۽ گيس ڪيئن پوندي؟ آخر ڪيستائين عوام جي صبر جو امتحان ورتو ويندو؟ لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هارين کي ٽيوب ويلن لاءِ سولر پينل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان جامع پلان پڻ طلب ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ نواز شريف هدايت ڪئي ته ننڍن هارين لاءِ مهانگي بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف موجب بجلي ۽ گيس ڪيتري مهانگي ٿيندي؟ آخر ڪيستائين عوام جي صبر جو امتحان ورتو ويندو؟ نواز شريف چيو ته هارين کي سولر پينل ڏيو، حڪومت جو پئسو ان تي خرچ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته هاري کي سندس محنت جو پورو پورو بدلو ملڻ گهرجي، هاري کي هارين ۽ ملرز جي استحصال کان بچايو وڃي.اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته هارين کي جديد مشينري فراهم ڪئي ويندي، ڊريپ ايريگيشن جو به جائزو ورتو ويندو. ڊريپ ايريگيشن سان پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ خرچن ۾ به گهٽتائي ايندي.پنجاب جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته مهانگائي ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ مافيا کي قابو ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.هن چيو ته لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ فصل جو مناسب معاوضو ملڻ سان هاري خوشحال ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو