آءِ ايس آءِ جي سربراهه سميت فوج ۾ اهم عهدن تي بدليون ۽ مقرريون

اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن جن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. موجوده آءِ ايس آءِ سربراهه منير حفيظ کي گجرانوالا جو ڪور ڪمانڊر لڳايو ويو آهي. بلوچ رجمينٽ جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد 2017 ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي فيض آباد ڌرڻي ختم ڪرائڻ لاءِ ان وقت ڪيل لکت واري معاهدي تي گارنٽيئر طور صحيح ڪئي هئي، ڇو ته هو آءِ ايس آءِ ۾ ان وقت اندروني سيڪورٽي جو انچارج هو. هن پنو عاقل ۾ ڊويزن پڻ ڪمانڊ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي فيض حميد جي جاءِ تي جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽيننٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي، ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز جي ايڇ ڪيو ۾ انجنيئر ان چيف مقرر ٿي ويو جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عامر عباسي کي ڪوارٽر ماسٽر جنرل تعينات ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو