ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿي،اسان جو نقصان جو تدارڪ ناهي ٿيو:ڳوٺاڻا

ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿي،اسان جو نقصان جو تدارڪ ناهي ٿيو:ڳوٺاڻا

عادلپور (ن س) گھوٽڪي تعلقي جي يوسي صالح مھر جي مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو يوسي صالح مھر جي مختلف ڳوٺن عارب مھر صالح مھر ستارو مھر ميھر مھر لاکولنجاري گجارو يوسف مھر،جي ڳوٺاڻن حيدر بخش سنڌي ڪامريڊ امتياز مھر ايڊووڪيٽ عباس مھر ايڊووڪيٽ مختيار مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يوسي آفيس صالح مھر آڏو واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته برسات سبب اسان جي يوسي ماڻھن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آ سوين خاندان بي گھر ٿيا آھن ھن وقت به ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي پر اسان جي يوسي کي ڊي سي گھوٽڪي ايڊمنسٽيٽر گھوٽڪي ۽ يوسي سيڪريٽري مسلسل نظر انداز ڪري رهيا آهن ھنن چيو ته ،ھن وقت تائين راشن مڇردانيون وغيره اسان جي يوسي ۾ ناھن ڏنيون ويون پر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته برسات متاثرين لاءِ آيل سامان پنهنجي، مرضي مطابق ھتان جي وڏيرن جي بنگلن ۾ رات جي اونداھي ۾ پھچايو وڃي ٿو جيڪو مستحق ماڻھن ۾ تقسيم ٿيڻ بجاء ڪجھ من پسندن ۾ ورھائي باقي گم ڪيو وڃي ٿو ،هنن چيو ته اسان جي يونين ڪائونسل صالح مھر کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي،ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڳوٺن جي واھر نه ڪئي وئي ته اسان احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.۽ ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو