ڳولاڙچي ۾ ننڊ ستل همراهه قتل،لاش اسپتال منتقل،جاچ جاري

ڳولاڙچي ۾ ننڊ ستل همراهه قتل،لاش اسپتال منتقل،جاچ جاري

بدين(ن س) رات دير گولاڙچي شھر ۾ ڪراچي مين روڊ تي پنھنجي آرا مشين تي ستل گولاڙچي جي صحافي نصير عرف شيرو شيشي واري جي ڀاء جاويد عرف جيدو واڍي کي نامعلوم ماڻھو ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا جمع جي ڏينهن صبح جو اطلاع ملڻ تي پيپلز پارٽي وارڊ نمبر 6 جو اميدوار زين قاسم ميمڻ ايس ايڇ او اصغر ھاليپوٽو واقع واري ھنڌ پھچي ويا ۽ پوليس پاران واردات واري ھنڌ جو معائنو ڪيو ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال روانو ڪيو ھن ڏکوئيندڙ واقع تي گولاڙچي شھر ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آهي ھن واقع جي وڌيڪ جاچ لاء ايس ايس پي آفيس کان فارنزڪ ٽيم کي پڻ گھرايو ويو آهي جنهن کي واقع واري ھنڌ تان ڪجھ شاھديون پڻ مليون آھن ايس ايڇ او گولاڙچي صحافين ۽ شھرين کي يقين ڏياريو آهي ته جوابدار ڪيترا به با اثر ڇو نه ھجن کين ھرگز بخش نـ ڪيو ويندو ۽ جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو ٻئي طرف گولاڙچي جي وارڊ 6 مان پ پ پ جي اميدوار ۽ واپاري اڳواڻ زين قاسم ميمڻ پوليس کي چتاء ڏنو آهي ته قاتلن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت۾ شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو