اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)گڏيل اپوزيشن مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان آئين ٽوڙيو آهي، هي سنگين معاملو آهي، فل ڪورٽ جوڙي وڃي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا سڀڀ جج شامل هجن. عدليا ۽ عوام اهو طئي ڪري ته آئين اهم آهي يا عمران جي انا. اهڙو اظهار پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران ميان شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، سردار اختر مينگل، خالد مقبول صديقي، مولانا اسد الرحمان، خالد مگسي ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي ميان شهباز شريف چيو ته ڪالهه عمران نيازي ملڪ ۾ سول مارشل لا لاڳو ڪيو آهي، وزيراعظم آئين کان مٿانهان قدم کنيا. سندس چوڻ هو ته ڇا اسان غدار بڻجي ويا آهيون؟ هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ۽ صدر ڪالهه آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، هاڻي معاملو عدالت ۾ آهي، ان تي گهڻو نه ڳالهائيندس. مسلم ليگ (ن) اڳواڻ چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته ڪو به ايوان جي ڪارروائي کي چئلينج نٿو ڪري سگهي پر آئين جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڇا ان کي تحفظ حاصل آهي؟ شهباز شريف چيو ته اسان جي سفير جي 16 مارچ تي الوداعي ڊنر هئي جنهن جو هن ٽوئيٽ به ڪيو، ان ڊنر ۾ سفير لاڳاپيل آمريڪي اهلڪار کي به دعوت ڏني جنهن تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي، اسان جي سفير ڌمڪيون ڏيندڙ اهلڪار جي تعريف ڪئي ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته عدالت ۽ پاڪستاني عوام فيصلو ڪن ته عمران خان جي انا وڌيڪ اهم آهي يا پاڪستان جو آئين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ وزيراعظم کي ڪرسي تان هٽائڻ جو هڪ ئي جمهوري ۽ آئيني طريقو آهي ۽ اهو طريقو آهي عدم اعتماد جو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي انا جي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري بي اعتمادي کي سبوتاز ڪيو. ”انهن کي خبر ناهي ته ڇا ٿيو آهي.آئين جو دفاع صرف پيپلز پارٽي جو مسئلو ناهي. اها ذميواري سڀني پاڪستانين جي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن جشن ڪري رهيا آهن ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي آهي. پر اسان خوش نه آهيون جيڪو ڪجهه غير آئيني عمل ٿيو آهي. اميد ته اعليٰ عدليه عمران خان جي مارشل لا کي روڪيندي۔۔۔ عدم اعتماد جي تحريڪ کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي“. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اعليٰ عدالت ضياءَ ۽ مشرف جي مارشل لا کي نه روڪي سگهي آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ۽ عدليه کي درخواست ڪريون ٿا ته عمران خان جي مارشل لا کي روڪيو، عدليه کي گذارش آهي ته عدليه جي تاريخ لکي ويندي، عمران وٽ ڇا آهي؟ جيڪڏهن غيرآئيني عمل کي نه روڪيو ويو ته اهو تاثر قائم ٿيندو ته اسان جو آئين ڪاغذ جو ٽڪرو آهي يا هڪ دستاويز جيڪو اسلامي جمهوري وفاقي نظام کي متحد ڪري ٿو. هن چيو ته اسان آئين جو دفاع ڪندا رهنداسين پر ڪالهه جيڪو ٿيو ان ۾ سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته ان آئيني بحران جي حل لاءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي، فل ڪورٽ بينچ کي پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ گهرجي،










