گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي

گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، ماه نور ملاح ۽ اوڀائي جوڻيجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، باقي پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪينال به وهايا پيا وڃن، مٿان وري پنجاب جي ڏيڍ لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاء جلال پور ڪينال ٺاهيو ويو آهي جنهنڪري سنڌ جي صدين کان آباد ۽ سرسبز ڏيڍ لک ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي. جلال پور ڪينال ملڪي سالميت لاء خطرو آهي، پنجاب جو حڪمران طبقو گذريل ڏيڍ صديء کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻندو پيو اچي.سنڌ کي ھن وقت پاڻيء جي سخت ضرورت آھي ان وقت ڊيم ڀريا پيا وڃن ۽ ٻه ڌاڙيل واھ چشما جھلم لنڪ ۽ تونسه پنجند ڪئنال وھائي سنڌ جي حصي پتيء جو پاڻي زبردستي ۽ طاقت جي زور تي کنيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار جي ھوس ۽ لالچ ۾ اچي سنڌ جي وسيلن کي مال غنيمت سمجھي وفاق حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پيپلزپارٽي جو وفاقي وزير خورشيد شاھ سنڌ جي حصي پتيء جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف خاموش آھي. پاڻي نه ھجڻ ڪري سنڌ ۾ ڪربلا جو منظر آھي پاڻي ڍڪ جيڪو سنڌ ۾ پهچي ٿو سو به سنڌ جا وڏيرا مير پير سردار ۽ بااثر نمائندا زبردستي کڻيو وڃن. آبادگار ۽ ھاري پاڻي نه ھجڻ ڪري احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھڻي رھيا آھن.اڳواڻن چيو آھي ته پيپلز پارٽي وزارتن جي لالچ ۾ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ دررياء جو سودو ڪيو آهي. پنجاب جي حڪمرانن کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ درياء پيپلز پارٽي جي ملڪيت ناهن، بلڪه سنڌي عوام جي گڏيل ملڪيت آهن، پيپلز پارٽي کي سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ درياء وڪڻڻ جو ڪو به مينڊيٽ ناهي. تنهنڪري پنجاب جا حڪمران پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ جو سلسلو بند ڪن. سنڌ کي سنڌپنجاب پاڻي ٺاه 1945ع تحت سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، پاڻي ٺاهن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙين سبب سنڌ کي جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي.جلال پور ڪينال ذريعي ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهڻ وارو ملڪ دشمن منصوبو فورن ختم ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب جا فلڊ ڪينال اهڙي صورتحال ۾ کوليا ويا آهن جڏهن سنڌ ۾ پيئڻ لاء پاڻي ڪونهي، ماڻهو پاڻي ڍڪ لاء تڙپي رهيا آهن، چوپايو مال اڃ وگهي مري رهيو آهي، ڪمند,ڦٽي ۽ مرچن جو فصل سڪي ويو آهي جنھن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي. سنڌ تاريخ جي بدترين هٿرادو ڏڪار کي منهن ڏئي رهي آهي، سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ بدين,سجاول ۽ ٺٽي جون لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي.تمر جا ٻيلا ختم ٿيندا پيا وڃن. ماحولياتي تباهي اچي چڪي آهي.اهڙي صورتحال ۾ پنجاب جي حڪمرانن پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ يزيدي ڪردار ادا ڪندي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جا ٻوڏن لاء ٺاهيل ڪينال ٻارهوئي مهينا وهايا پيا وڃن مٿان وري جلال پور جهڙا نوان ڌاڙيل ڪينال ٺاهيا ويا آهن. هنن چيو ته پيپلز پارٽي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي، ٺلهيون پريس ڪانفرنسون ڪرڻ بدران سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائي، پنجاب طرفان جلال پور ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا تيز ڪرڻ ۽ مختلف ڊيمن ۽ ڪينالن ذريعي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف ٺهراء پاس ڪري، ان سان گڏ سينيٽ، وفاقي اسيمبلي ۽ سي سي آء ۾ به سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو