سکر / گڊو (ن س)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج جو دورو ڪري، سيلابي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڪمزور بندن جي مرمت جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ فلڊ فائيٽنگ اسٽاف کي 24 ڪلاڪ بندن تي موجود رهڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي آبپاشي جي وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو ڏني. هنن ٻڌايو ته گڊو بئراج جي ڊيزائينڊ گنجائش 11 لک ڪيوسڪ آهي ۽ هن وقت گڊو بئراج مان 627908 ڪيوسڪس پاڻي وهي رهيو آهي، جيڪو اونچي درجي جو سيلاب آهي. هنن چيو ته ٽوڙي بند ۽ ڪي ڪي بند گڊو بئراج جا بند آهن جن تي ڪجهه جايون ڪمزور آهن انهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. ڪي ڪي بند جي 18 ميل تي فلڊ فائٽنگ جو ڪم جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته درياءَ جي بندن تي مشينري، لاندهيون ۽ فلڊ فائٽنگ جو سامان مقرر ڪيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته سنڌ بئراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ (SBIP) تحت بحالي جو ڪم جاري آهي، جيڪو عالمي بئنڪ جي سهڪار سان پيو هلي. منصوبي ۾ مين بئراج ۽ واهن جا گيٽس ۽ گيئرنگ سسٽم جي تبديلي شامل آهي. گڊو بئراج جي ريور ٽريننگ ورڪس جي بحالي به منصوبي ۾ شامل آهي. چيف انجنيئر موجب گڊو بئراج ۾ 65 مين بئراج گيٽس ۽ 25 واهن جا گيٽس موجود آهن، 65 مان 30 مين بئراج گيٽس تبديل ٿي چڪا آهن، جڏهنته سمورن 25 واهن جا گيٽس مڪمل طور تي تبديل ڪيا ويا آهن. بريفنگ موجب اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم گائيڊ بينڪس، مارجل بينڪس، اسپرز ۽ اسٽڊز جي بحالي مڪمل ٿي وئي آهي. بندن جي اسٽرڪچرز کي 6 کان 10 فوٽ تائين اوچو ڪيو ويو آهي. بريفنگ موجب گڊو بئراج مان ريڻي ڪينال، گھوٽڪي فيڊر، بيگاري، سنڌ فيڊر ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر نڪري ٿيون، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي زرعي علائقن کي پاڻي پهچائن ٿيون. بريفنگ بعد سيد مراد علي شاهه هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪمزور ۽ حساس هنڌن تي نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وڃي. فلڊ فائٽنگ عملي کي 24 ڪلاڪ موجود رهي، ضلعي انتظاميه کي عوامي سهڪار سان رليف قدمن کي تيز ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور صوبائي ڪنٽرول روم کي اطلاع ڏنو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير ان موقعي تي چيو ته “مان عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان کي مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ جا ماڻهو مضبوط آهن، گڏجي هن سيلابي چيلنج مان ٻاهر نڪرنداسين. جتي به پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اتي حڪومت سنڌ اوهان سان گڏ بيٺي آهي، سنڌ جي هارين ۽ مزدورن کي سلام پيش ڪيان ٿو، جيڪي هر مشڪل ۾ ثابت قدم رهن ٿا.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جو دورو ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير سکر بئراج جي ڇت تي چڙهي ۽ بئراج مان پاڻي جي وهڪري جو معائنو ڪيو، سکر بئراج مان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي،سنڌ جي وڏي وزير بئراج جي ڇت تي بئراج تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن سان ملاقات ڪئي، چيني انجنيئرن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن سال 16 دروازا لڳايا ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير چيني انجنيئرن جي ڪم جي تعريف ڪئي، سيڪريٽري آبپاشي بئراج آفيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، سکر بئراج هن وقت 5 لک ڪيوسڪ يعني وڏي ٻوڏ تي آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گڊو بئراج ۽ سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ سڀاڻي تائين جاري رهندي جيڪا بعد ۾ گهٽجڻ شروع ٿيندي، ڪوٽڙي کي 21 سيپٽمبر تي 4 لک ڪيوسڪ پاڻي ملندو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موجوده سيلابي صورتحال تي مڪمل نظر رکي وئي آهي ۽ حڪومت هر سطح تي تياري ڪري چڪي آهي۔وزيراعلیٰ ٻڌايو ته اسان جو اندازو آهي ته ساڍا ڇهه کان ست لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو، جڏهن ته اين ڊي ايم اي 11 کان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي اطلاع ڏني هئي جنهن جي حساب سان ئي تياري ڪئي وئي هئي۔ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير آبپاشي گذريل ٻن هفتن کان هتي ڪيمپ لڳائي ويٺل آهي ۽ انتظامن جي سڌي نگراني ڪري رهيو آهي۔سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اميد آهي ته موجوده سيلاب کي خيريت سان سمنڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين۔اسان جي پهرين ترجيح انساني جانيون بچائڻ هئي ۽ اڃا تائين هڪ ٻه جانيون وڃايون ويون آهن اهي به سيلاب سبب نه هيون ايندڙ وقت ۾ به اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته پنهنجي ماڻهن جون جانيون بچايون، وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته حڪومت جي ٻي ترجيح بئراجز کي بچائڻ آهي ۽ پوري اعتماد سان چيو ته سيلاب کي بغير نقصان ٿيڻ کان سڀني بئراجز مان ڪاميابي سان گذاري وٺنداسين۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽين ترجيح بندن کي بچائڻ هئي، جنهن لاءِ بندن کي مٿي ڪيو ويو آهي۔هن وقت به اسان جا بند درياءَ کان اٺ فٽ اوچا آهن ۽ انهن تي عملي کي تعينات ڪيو ويو آهي۔ هر بند تي ماڻهو موجود آهن ۽ دريائي وهڪرن تي ڪم ڪري رهيا آهن سڀ انتظام مڪمل آهن، وزيراعلیٰ وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو پيو وڃي۔










