ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽي جو افتتاح ڪري ڇڏيو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي ڪوٺايل تقريب ۾ ابوظهبي فورس گروپ ۽ ڪراچي پورت ٽرسٽ وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون سي اي او جمعه شمسي ۽ چيئرمين ڪي پي ٽي سيد سيدالدين رضا صحيحون ڪيون تقريب ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شآهه ۽ گڏيل عرب امارات جو سفير قونصل جنرل، گڏيل عرب امارات جي توانائي وارو وزير/انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيا موجود هئا تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽيڊ ابوظهبي پورٽس گروپ آپريٽ ۽ ڊيولپ ڪندو ان سان پاڪ، گڏيل عرب امارات ٻطرفو لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا جڏهن ته هن معاهدي سان ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل کي موجوده دور جي گهرجن سان سلهاڙڻ ۾ مدد ملندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني معيشت سگهاري ڪرڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري اهم آهي وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو ته ڪنهن ملازم کي بيروزگار نه ٿيڻ ڏنو ويو هن چيو ته ابوظهبي پورٽس گروپ ان کي مينيج، اپريٽ ۽ ڊيولپ ڪندو هن چيو ته پورٽ جي رائلٽي ۾ 12.5 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جمعه شمسي چيو ته هي ٽرمينل علائقائي نه ريجنل ۽ گلوبل بزنس لاءِ به خاص ثابت ٿيندو هن وڌيڪ چيو ته پاڪ يو اي اي گڏيل واپار 2022 ۾ 9.3 ارب ڊالر هو هاڻي ٽرمينل سان ان ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو هن چيو ته هن وقت سينٽرل اوڀر ۾ يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو پاٽنر آهي هن چيو ته ريلوي ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪ تي سيپڙڪاري ڪنداسين.










