ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ سيد نهال هاشمي ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ۾ نادرا جي نئين ميگا سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نادرا حڪام موجب، نئين تعمير ٿيل عمارت ۾ بزرگ ۽ معذور (خاص) ماڻهن لاءِ الڳ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن کين سهولت فراهم ڪري سگهجي، ميگا سينٽر ۾ مجموعي طور تي 20 ون ونڊو ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن.حڪام جو چوڻ آهي ته سينٽر ۾ هڪ ئي وقت 200 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش سان گڏ هڪ وڏو انتظارگاهه (ويٽنگ ايريا) به قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ٻن هزارن کان وڌيڪ درخواست گذارن کي نادرا جون خدمتون فراهم ڪري سگهبيون. ميگا سينٽر جي قيام سان سرجاڻي ۽ ان جي آس پاس جي لکن رهواسين کي هڪ ئي جڳهه تي سڀ سهولتون دستياب ٿينديون، جڏهن ته سينٽر ۾ زونل آفيس جي موجودگي سبب شهرين کي عائشه منزل وڃڻ جي ضرورت به نه رهندي.










