ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي وڏي سياسي پارٽي تحريڪ انصاف جي متحرڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف حڪومت پاران گهيرو تنگ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ملڪ ڇڏڻ لڳا آهن. اطلاعن موجب سنڌ جي صوبائي اسمبلي جو اڳوڻو ميمبر شهزاد قريشي برطانيا هليو ويو آهي جتي هن سياسي پناهه جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪراچي مان چونڊيل ايم پي اي ارسلان تاج گهمن شهباز گل جيان آمريڪا هليو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جو اهم ميمبر اظهر مشواني به برطانيا هليو ويو آهي. هنن جي دعويٰ آهي ته ڳجهيون ايجنسيون سندن سخت مانيٽرنگ ڪري رهيون اهن، سياسي سرگرمين کان روڪي رهيون آهن ۽ سياسي وفاداري مٽائڻ لاءِ مٿن دٻاءَ وجهي رهيون آهن. مختلف صوبن ۾ پوليس سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. صنم جاويد، عمران خان يا سندس گهرواري بشريٰ بي بي، اعجاز چوڌري، ڪينسر جي مريض ڊاڪٽر ياسمين سميت ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ داخل ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪن ٿا ۽ جيئن ئي جيل مان آزاد ٿين ٿا ته مختلف سيڪورٽي ايجنسيون سندن خلاف نوان ڪيس داخل ڪري جيل مان ئي گرفتار ڪن ٿيون، جنهن جو تازو مثال صنم جاويد آهي، جنهن کي 14 جولاءِ تي آزاد ٿيڻ بعد نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جو هڪ ٻيو اهم اڳواڻ ۽ ميري ٽائيمز بابت اڳوڻُو صلاحڪار اظهر لغاري به ملڪ ڇڏي يورپ روانو ٿي ويو آهي. اظهر لغاري روزاني سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سياسي ماحول سبب هو گذريل هڪ سال کان مينٽل هيلٿ جي مسئلن جو شڪار رهيو ۽ سندس حياتي لاءِ خطرو پيدا ٿي پيو هو. هن ٻڌايو ته اٿارٽيز کيس پنهنجي يوٽيوب چينل تان ڪيترائي اهڙا ويديوز جيڪي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي موقف جي حمايت ۾ هئا، اهي ڊليٽ ڪرايا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اختلاف راءِ کي حڪومت دشمني سمجهي سلوڪ ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هو فيملي جي سخت دٻاءَ سبب رليڪس ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر آيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيئن ئي ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيون ته هو پهرين فلائيٽ ۾ پاڪستان ايندو ڇو ته هو سنڌ جي هڪ وڏي سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ هو سمجهي ٿو ته سندس جيئڻ مرڻ پنهنجي وطن ۾ ئي بهتر آهي.










