گهر تي ڇاپي خلاف پرويز الاهي جي عدالت ۾ درخواست داخل

گهر تي ڇاپي خلاف پرويز الاهي جي عدالت ۾ درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.پرويز الاهي جي پٽ راسخ الاهي پوليس آپريشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ پنجاب حڪومت، اينٽي ڪرپشن ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ پرويز الاهي جي 6 مئي تائين ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، تنهن ڪري گهر تي ڇاپو غير قانوني ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڪيس کان علاوه جيڪڏهن ڪا ايف آءِ آر داخل آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت ظهور الاهي جي روڊ کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ۽ پوليس کي واپس وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري، جڏهن ته عدالت حفاظتي ضمانت ختم ٿيڻ تائين پرويز الاهي جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو