خيرپور(سجاد علي ڪٻر)سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙ سهتو ۾ ناريجا برادري جي گهر مٿان فائرنگ، حملي ۾ ٻن ڳڀرو پٽن سميت والد قتل، مقتول نوجوان جي زال اغوا، گهر کي باهه سبب چوپايو مال سڙي ويو. دردناڪ واقعي جي باوجود 13 ڪلاڪ گذرڻ بعد به ڪو اعليٰ پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ نه پهتو. ڳوٺ کبڙ سهتو ۾ ناريجا برادري جي گهر مٿان رات دير سان سندن ئي برادري جي مخالف ڌر پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب 55 سالا در محمد ناريجو ۽ ٻه پٽ 22 سالا عمران ۽ 12 سالا معصوم مبين ناريجو کي قتل ڪري ڇڏيو. سڱاوتي تڪرار تان حملو ڪندڙ مقتول عمران جي زال سدرت الانتها کي پڻ اغوا ڪري کڻي ويا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو مقتول عمران جون ٻه شاديون ٿيل آهن سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا جنهن جو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي انتهائي افسوس ناڪ واقعو پيش اچڻ بعد 13 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايس ايس پي خيرپور ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي آهي نه وري ڪو بالا آفيسر واقعي واري هنڌ پهتو آهي ٻڌايو وڃي ٿو ته هي واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ خوف وحراس پکڙيل آهي ٻئي طرف سيٺارجا جي ايس ايڇ او مختيار احمد مگسي پنهنجي هائوس تائين محدود آهي واقعي واري هنڌ اچڻ جي زحمت به ناهي ڪئي واقعي واري هنڌ نالي ماتر سپاهي موڪلي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي صحافين پاران بار بار رابطي ڪرڻ باوجود رابطو ناهي ٿي سگهيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نٿي سگهيو هيو. مقتول خاندان دشمني سبب گمبٽ جي ڪچي واري علائقي مان لڏي سيٺارجا آيو هو ۽ ڳوٺ ۾ ناريجا برادري جو واحد گهر هو.










