گنڊاپور سان ڪو به اختلاف ناهي، سندس مداح آهيان: مروت

گنڊاپور سان ڪو به اختلاف ناهي، سندس مداح آهيان: مروت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سان ڪو به اختلاف ناهي، مان سندس مداح آهيان.شير افضل مروت جو چوڻ هو ته مان ڪنهن سان به اختلاف نه ٿو ڪريان، ماڻهو مون کي ڪنهن به صورت ۾ فالو ڪن ٿا، تنهن ڪري کين جواب ڏيڻ ضروري آهي.هن چيو ته علي امين گنڊاپور جا ڪيترائي قدم ساراهه جوڳا آهن، هو وڏو وزير آهي، ن ليگ ۽ ٻيون پارٽيون سندس احتجاج ۾ ڪردار جو ناجائز فائدو وٺي رهيون آهن.شير افضل جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۽ ٻيون پارٽيون چون ٿيون ته صوبي کي مرڪز تي قبضو ڪيو آهي، سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي. علي امين بدران هو احتجاج جي اڳواڻي ڪندو.اسان گنڊاپور جي حمايت مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، انهن جي احتجاج کي جواز بڻائي ۽ گورنر راڄ لاءِ رستو هموار ڪري سگهون ٿا. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان اڳ به احتجاج ڪامياب ٿيا آهن، احتجاج جي ذميواري احتجاجي ڪميٽي جي حوالي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو