ڪنڌڪوٽ(ن سنڌيار) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي مان گنڀي گم ڪيل نوجوان ماجد علي اوڳاھي جي بازيابي لاء سندن جي وارثن ۽ قوم پرست ڌرين جو عنايت الله. ڪامران . امان الله . منصور اوڳاھي اڪرم باجڪاڻي .جيوڻ سبزوئي واليڏنو سنڌي .حفيظ مگسي جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ساڻ ڪري ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين چيو نوجوان ماجد اوڳاھي کي بنا جواز اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون فوري نوجوان کي بازياب ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو۔










