خيرپور(سجاد علي ڪٻر)گمبٽ انسٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي آفيس تي با اثرن حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ جيري جي ٽرانسپلانٽ جي ڊاڪٽر ناصر داد، چوڪيدار حسين بخش ۽ ھڪ سيڪيورٽي گارڊ تي تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو.

گمس جي سيڪيورٽي گارڊن ٽنھي حملا آورن کي پڪڙي گمبٽ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. گمبٽ پوليس ڪاروائي ڪري ٽنھي حملا آورن جي مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو گمبٽ پوليس مطابق حملي آورن ۾ شامل ھڪ پوليس جو ايس ايڇ او زاھد پنھور، ممتاز جوڻيجو ۽ سندن دوست شامل آھن. ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي گرفتار جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. پوليس مٿن دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.










