ڪچي ۾ آپريشن جاري، حڪومتي رٽ 100 سيڪڙو قائم آهي: لنجار

ڪچي ۾ آپريشن جاري، حڪومتي رٽ 100 سيڪڙو قائم آهي: لنجار

سکر: (ن س) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي ۾ حڪومتي رٽ 100 سيڪڙو آهي، ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي حڪومتي رٽ نه هجي، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سکر ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته حڪومتي پاليسي تحت ڪچي ۾ ڊيولپمينٽ (ترقياتي) پيڪيج آڻي رهيا آهيون. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته جيسين ڪچي جي رهواسين کي روزگار نه ڏينداسين تيسين امن امان قائم نه ٿي سگهندو، پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جن ڌاڙيلن تي شڪ هو اهي مارجي چڪا آهن. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن جون پگهارون پنجاب پوليس کان گهٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو