ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي، مراد علي شاهه

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي، مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته درياهي ٻوڏ سبب ڪچو ٻڏي ويو آهي ۽ ڌاڙيل ٻاهر اچي ويا هوندا، انهن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تيز ڪيو وڃي. اهڙو حڪم هن خصوصي طور گهرايل اجلاس دوران جاري ڪيو. اجلاس ۾ وزير داخلا ضياءالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪريٽري داخلا اقبال ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان، سي او او واٽر بورڊ اسدالله خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. وزير داخلا ضياءالحسن لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وزيراعليٰ سنڌ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آڪٽوبر 2024ع کان ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيا ويا آهن. ڪچي ۾ انٽيليجنس بنياد تي 760 ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا. جنوري 2024ع کان اڄ تائين آپريشن ۾ 159 ڌاڙيل مارجي ويا آهن. مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ 10 سکر، 14 گھوٽڪي، 46 ڪشمور ۽ 89 شڪارپور جا شامل آهن. 823 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 8 اشتھاري ڊاڪو مارجي ويا. آپريشن دوران 962 مختلف قسمن جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا. وزيراعليٰ سنڌ چيو: ڪچي جي ڊاڪن جو هر صورت ۾ خاتمو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعليٰ سنڌ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبابندي ڪئي وڃي. هن چيو: ڪچي ۾ روڊ، اسڪول، اسپتال، ڊسپينسري ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويندا. هن چيو: گهوٽڪي-ڪندھ ڪوٽ پل ٺهڻ کان پوءِ سڄو علائقو کلي ويندو. وزيراعليٰ چيو: ته سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته امن امان هر صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. وزيراعليٰ سنڌ ڪراچي ۾ غيرقانوني ٽينڪرن جي خاتمي جي به هدايت ڪئي. ميئر ڪراچي وزيراعليٰ کي آگاه ڪيو ته 243 غيرقانوني هائيڊرنٽس مسمار ڪيا ويا آهن. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته 212 ايف آءِ آر داخل ڪري 103 ملوث ماڻهو گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 3200 ٽينڪر ڪيو آر ڪوڊ سان رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن. ميئر ڪراچي موجب مختلف قدمن سان واٽر بورڊ جي آمدني ۾ 60 ملين رپيا اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو