ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر تي مني فش هاربر اڏڻ جو فيصلو

ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر تي مني فش هاربر اڏڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٺٽو ضلعي جي شهرڪيٽي بندر ۽ سجاول ضلعي جي شهر شاهه بندر ۾ مني فش هاربر تعمير ڪن جيئن مقامي ماڻهن کي سهولت ملي سگهي. فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ بابت هڪ اعليٰ سخحي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته مني فش هاربر تعمير ٿيڻ سان ننڍي پئماني تي مڇي مارڻ جي صنعت کي هٿي ملندي، مقامي ماڻهن جي گذر سفر ۾ بهتري ايندي ۽ ڪراچي فِش هاربر تان دٻاءُ گهٽبو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٻنهي مني فش هاربرز جي تعمير تي هڪ ارب 35 ڪروڙ روپيا لاڳت ايندي ۽ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندا. سنڌ حڪومت هن رٿا لاءِ پرڏيهي امداد مان فنڊ فراهم ڪندي.اجلاس ۾لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جو وزير محمد علي مَلڪاني ۽ سڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي سان گڏ کاتي جا سينئر آفيسر به شريڪ ٿيا. وڏي وزير وضاحت ڪئي ته ڪراچي فش هاربر، جيڪو صوبي جو مکيه سامونڊي خوراڪ جو مرڪز آهي، هاڻي پنهنجي مڪمل گنجائش تي پهچي چڪو آهي، جنهن سبب مڇي مارڻ وارن ٻيڙين کي دير ٿئي ٿي ۽ لهڻ کان پوءِ مڇي ۽ جهينگن جو وڏو مقدار خراب ٿي وڃي ٿو، جنهن سان انهن جي برآمدي قيمت گھٽجي وڃي ٿي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران 2025-26 جي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) ۾ ٻنهي هنڌن تي جديد سهولتن سان ليس مني فِش هاربرز قائم ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي ۽ تصويري خاڪو به تيار ڪيو ويو آهي. جن ۾ نيلامي هال، اسٽوريج ۽ ٻيڙين لاءِ ڊاڪنگ جون سهولتون شامل آهن. ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي منصوبو ڊائريڪٽوريٽ آف فشريز (ميرين)، ڪراچي پاران عمل ۾ آندو ويندو، جنهن جو مقصد ننڍي پئماني جي مڇي مارڻ وارن کي سهارو ڏيڻ، مڇي لهڻ جي عمل کي وڌيڪ ڪارگر بڻائڻ ۽ نوان روزگار جا موقعاپيدا ڪرڻ آهي. شاهه بندر تي تجويز ڪيل مني هاربر ۾ ننڍين ٻيڙين لاءِ بيهڻ واري جڳهه، ٿڌي اسٽوريج جون سهولتون، تيل ۽ مرمت جون سهولتون، ۽ ماحول دوست فضلي جي انتظام جو نظام شامل هوندو. جديد نيلامي هال ذريعي مڇي جي وڪري ۾ شفافيت ۽ مناسب قيمتن کي هٿي ملندي. محمد علي مَلڪاڻي چيو ته هي قدم مقامي مڇي مارڻ واري معيشت کي هٿي ڏيندو، پائيدار طريقن کي فروغ ڏيندو ۽ ماحول دوست ساحلي ترقيءَ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ان سان گڏ تربيتي ورڪشاپون پڻ منعقد ڪيون وينديون جن ۾ مڇي جي سنڀال وغيره بابت مهاڻن کي تربيت ڏني ويندي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ٻئي قدرتي بندرگاهه آهن، جيڪي ماضي ۾ هن علائقي جي خدمت ڪندا رهيا آهن. صوبائي حڪومت پهرين مرحلي ۾ مني فِش هاربرز تيار ڪندي ۽ ٻي مرحلي ۾ مڪمل پورٽس (Ports) جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي ضلعا ڪراچي جي ويجهو آهن ۽ موٽروي ۽ قومي شاهراهه ذريعي به ڳنڍيل آهن. وڏي وزير چيو ته: “هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته ڪيٽي بندر کي هڪ نئين بندرگاهه طور تي ترقي ڏني وڃي، ۽ انشاءَالله اسان ان کي قومي مفاد لاءِ ضرور ترقي ڏينداسين.”

پهنجو تبصرو موڪليو