ڪينالز جي مخالفت، وزيراعظم جي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت

ڪينالز جي مخالفت، وزيراعظم جي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڀ فيصلا اتحادين جي گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا آهن، اتحادي حڪومت ۾ مثالي اعتماد واري فضا خوش آئنده آهي۔ پيپلز پارٽي پاران ڪينالز جي مخالفت بعد وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اهم پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ خواجه سعد رفيق ۽ ٻيا شامل هئا۔ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي سياسي صورتحال تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي، ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران حڪومت جي ڪينالز بابت فيصلي تي ڏنل بيان تي مشورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جو خاصو آهي ته سڀ فيصلا اتحادي ساٿين سان مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، اتحادي حڪومت ۾ مثالي اعتماد واري فضا خوش آئنده آهي۔ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اتحادي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مڪمل يڪسوئي سان ڪم ڪري رهي آهي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا مثبت نتيجا سڌي ريت غريب طبقن تائين منتقل ڪيا ويا آهن۔ وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت صحيح رخ تي هلي پئي آهي، ايندڙ وقت ۾ به عوامي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي اتحادي حڪومت جي ڏينهن رات جي محنت جو نتيجو آهي۔ واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو هو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ مون ڪيس نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي به وڙهيو آهي، مون عالمي برادري کي قائل ڪيو آهي ته اسان جي درياءَ سنڌ کي بچائڻ ضروري آهي۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هڪ سال گذري ويو، ڪو سبب ته هوندو جو اسان وزارتون ناهن ورتيون، اسان جي نيئر بخاري سي اي سي جو فيصلو پڙهيو هو ته ڪينالن بابت حڪومت جو يڪطرفو فيصلو پاڪستان پيپلزپارٽي جي حمايت حاصل نه آهي۔ پيپلزپارٽي چيئرمين چيو هو ته حڪومت سان اسان طئي ڪيو هو ته چارئي صوبن جا ترقياتي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ٺاهيندي، سو مان اوهان کي يقين ڏياريا ن ٿو ته ان مشاورت کانسواءِ اسين ڪنهن به بجيٽ کي ووٽ نه ڏينداسين۔ هن اهو به چيو هو ته وزيراعظم صاحب ڪينالز نامنظور آهن ۽ ان معاملي تي اسين حڪومت سان نه پر عوام سان گڏ بيهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو