ڪينالز تي ڪم روڪڻ جو اعلان ۽ پيدا ٿيل اهم سوال

ڪينالز تي ڪم روڪڻ جو اعلان ۽ پيدا ٿيل اهم سوال

ليکڪ : اعجاز مھر
بلاول صاحب جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ رڳو اهو چيو ويو ته اتفاق راءِ ٿيڻ تائين ڪينال رٿا روڪي ويندي. بلاول صاحب جو اهو چوڻ ته ملاقات ۾ ڪو فيصلو ناهي ٿيو رڳو ان نقطي تي اتفاق ٿيو آهي ته سي سي آءِ مان ٻن سياسي جماعتن جي سربراهن ۾ ٿيل اتفاق راءِ جي تائيد حاصل ڪئي ويندي. جاري ڪيل ويڊيو پيغام ايڊٽ ٿيل آهي ۽ لڳي ٿو اصل مالڪن جي چوڻ تي وزيراعظم جي چيل ڪا ڳالهه ڪٽي وئي آهي. ان بابت شڪ ان وقت وڌيڪ پختو ٿي ويو جڏهن ميڊيا کي ٻه ڀيرا پريس ڪانفرنس جو ميسيج اچڻ باوجود به اهو اعلان صحافين آڏو نه ڪيو ويو، ان جو سڌو مطلب اهو ته صحافي ڏکيا سوال ڪري سگهن ٿا.
هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته هي اتفاق راءِ ٻن سياسي جماعتن جي سربراهن ۾ ٿيو آهي، وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت وچ ۾ ناهي. ڪهڙي گارنٽي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ڪميٽي ان کي منظور ڪندي؟ رد ڪرڻ جو امڪان به موجود آهي. ڇو ته مسلم ليگ (ن) جي مستقبل جي قيادت ۽ وزارت اعظميٰ جي اميدوار مريم نواز پاڻ کي سمجهي ٿي ۽ هن اقتدار جي اصل مالڪن وٽ قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جو انڪار کيس سياسي ڌچڪو پهچائي سگهي ٿو. ويڊيو پيغام ۾ اوهين بلاول صاحب جي باڊي لينگويج ڏسو ته ڪنهن لمحي به هو خوش نظر نٿو اچي ۽ پي پي وارا ان جي برعڪس جشن پيا ملهائين ۽ هڪٻئي کي مبارڪون پيا ڏين.
خير ان نقطي کي به ڇڏيو. اهم سوال هي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ چولستان ڪينال جا مک فريق پنجاب حڪومت ۽ گرين انيشيٽو نجي ڪمپني وارا آهن. انهن جو ڪو به نمائندو ڳالهين ۾ بظاهر شريڪ نه هو. ڇا هو فيصلو مڃڻ جا پابند هوندا؟ وزيراعظم جي چيل ڳالهه جي قانوني حيثيت ڪهڙي ۽ ڪيتري آهي؟ اوهان کي ياد هوندو ته 2008 ۾ جڏهن پي پي حڪومت ٺهي هئي ته ڀوربن ۾ آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف معاهدو ٿيو هو ججن جي بحالي جو. بعد ۾ زرداري صاحب ڦري ويو هو ۽ ان وقت مون بي بي سي لاءِ سندس انٽرويو ۾ سوال پڇيو هو ته لکت ۾ ڪيل معاهدي تي اوهين عمل ڇو نه ٿا ڪريو ته هن طنزيه انداز ۾ چيو هو ته سياسي معاهدا قرآن ۽ حديث ٿورئي هوندا آهن ته من و عن عمل ٿئي. سندس بقول ته ڪنهن به سياسي معاهدي تي 50 يا 60 سيڪڙو به عمل ٿئي ته ڪافي هوندو آهي. ان تناظر ۾ هي سوال به پيدا ٿئي ٿو ڇا بلاول ۽ شهباز جي اڻ لکيل زباني مفاهمت تان ڦرڻ جو امڪان ناهي؟
ٻيو اهم نقطو آهي ڪارپوريٽ فارمنگ جو، جنهن لاءِ سائين مراد علي شاهه ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته اسان کين زرعي مقصد لاءِ پاڻي ڏيڻ جو واعدو ناهي ڪيو. پاڻي نه ملندو ته زمين ڇا تي آباد ٿيندي؟ اهڙي ۾ وڏي وزير جو بار بار چوڻ ته اسين ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف نه آهيون، وڏو سواليا نشان آهي. سنڌ ۾ عام وڏيرو يا معمولي سياسي اثر رسوخ وارا به لٺ ۽ چٺ واري پاليسي تي عمل ڪندي پنهنجي ٻنين لاءِ ڏاڍ ڪندي واهن مان پاڻي لفٽ ڪندا آهن ۽ پنهنجي زمينن لاءِ آبپاشي عملي کان پاڻي حاصل ڪري ويندا آهن. جڏهن گهوٽڪي ۽ سکر جي مختلف واهن جي پڇڙي وارا آبادگار پاڻي نه ملڻ جي دانهن پيا ڪن ته اهو حشر بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان. ميرپور خاص، ٽندو الله يار ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪيڏو هوندو؟ سڀاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ وارا همراهه جڏهن پاڻي وٺڻ لاءِ ڪنهن چيف انجنيئر کي رڳو ڪال ڪندا ته ڇا هو انڪار ڪري سگهندا؟ ڊي ايڇ اي وارن جو مثال اڳ ۾ ئي موجود آهي ته سمنڊ جي پوئتي هٽڻ سبب نئين زمين جيڪا نڪري ٿي، ڇا اها سنڌ حڪومت جي مرضي سان هو مالڪي حاصل ڪندا آهن؟ پيپلز پارٽي کي ان بابت به چٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته سخي کان شوم ڀلو جيڪو ترت ڏي جواب. اهو چوڻ ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ پاڻي نه ڏيندي، لاجيڪل جواب نٿو لڳي.
پنجاب ۾ نوان ڪينال ٺاهڻ سنڌ کي بنجر ڪرڻ برابر آهي ۽ سڄي سنڌ ان سوال تي جاڳي پئي آهي هر شهر ۾ ڌرڻا آهن. سنڌ حڪومت کي هڪ معمولي خاطري جي بنياد تي سوچي سمجهي عمل ڪرڻ گهرجي. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته 8 ڏينهن کان سنڌ جو رابطو اپ ڪنٽري کان ٽٽل آهي، هزارين گاڏيون روڊن تي ڦاٿل آهن پر وفاقي حڪومت جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ادارن طاقت جي زور تي ڌرڻو ختم ڪرايو ته سنڌ ۾ لڳل اها باهه حڪومت کي ته ساڙيندي ئي پر هي عوامي اڀار ڪٿي وفاق کي به نه لوڙهي ڇڏي. اقتدار جي اصل مالڪن کي حالتن جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي ۽ هر مسئلي جو حل طاقت جي استعمال ۾ ڳوليندڙن جو ڪو به غلط فيصلو ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ شايد حالتون سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول مان به ٻاهر ٿي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو