وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي ) پوليس چيڪنگ دوران جعفراڻي لاڙي وٽان وارھ شهر جي حمل محلي واسي مختيار احمد وٽان 20 ڪلو ڪيميڪل وارو کير هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ ذوالفقار علي جتوئي ٻڌايو ته جوابدار مختيار احمد پٽ عبدالستار شيخ کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪيميڪل مليل کير جي وڪري سبب بيماريون پکڙجن ٿيون ۽ فوڊ اٿارٽي وارن ڪجهه ڏينهن اڳ چيڪنگ به ڪئي هئي.










