اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينيٽ چونڊ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ يعني 11 مارچ تي وجاهت افضل ولد محمد افضل کي 18 گريڊ م ڀرتي ڪري چيف سيڪورٽي آفيسر بنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سينيٽ چونڊ دوران پولنگ بوٿ ۾ ڪيمرا لڳائڻ وارو معاملو وڌي مشڪوڪ ٿي ويو ۽ پيرا حڪومت ڏانهن پيا وڃن. ان آرڊر جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي.

هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي بنا اشتهار جي 18 گريڊ ۾ کيس ايڊيشنل سرجنٽ ايٽ آرمز ڀرتي ڪرڻ جو حڪم مجاز اختياري يعني چيئرمين سينيٽ ڀرتي ڪيو. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته 11 مارچ تي سندس ڀرتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ سندس مدت ملازمت 9 مارچ کان ڳڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب ته هن ڀرتي ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو ڪم شروع ڪيو هو. مصطفيٰ نواز کوکر ۽ سينيٽر مصدق ملڪ جڏهن سندس آفيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته هو پريشان ٿي ويو هو. سينيٽ جي جاچ ڪميٽي ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺندي. جڏهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي 12 مارچ تي فجر جي اذان تائين آفيس ۾ موجود هئڻ جي انڪشاف بعد اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي سفارش تي ڀرتي ڪيل سيڪورٽي اسٽاف غلط فهميون پيدا ڪيون آهن سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ڇو ته هو ڊيوٽي ۾ غفلط ڪري رهيا آهن.حڪومت جي اهڙي موقف بعد ڌانڌلي جا شڪ شبها وڌي ويا آهن. اپوزيشن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڪيمرا لڳائڻ جو ڪم نئين ڀرتي ڪيل آفيسر ڪيو آهي.










