حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جو ڪيس عدليه، ايوانن، رياستي ادارن جي آڏو رکيو پيو وڃي آخري ڀيرو آئيني، رياستي ادارن جي آجيان ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهيان آچر تي حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن 74 سالن ۾ به ڪيس نه ٻڌو ويو ته پوءِ اسان پاڪستان کان ٻاهر عدالتن ۾ وينداسين فاروق ستار چيو ته اسان کي ٻڌو نه پيو وڃي ڳڻيو نه پيو وڃي. اسان جا ماڻهورڳو مري رهيا آهن. پيدا نه پيا ٿين صرف لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي رهيا آهن هنچ يو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ شهري آبادي 20 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي وئي اسان جي وڏڙن ملڪ ٺاهيو اسان کان ملڪ ۽ سڃاڻپ کسي پئي وڃي هن چيو ته جيڪب آباد، ڪشمور جي آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو اهي ڪراچي حيدرآباد ۾ آبادي گهٽ ڇو ٿي رهي آهي هي ڪيس سنڌ جو نه پر پاڪستان جو آهي.










