ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گڊاپ ٽائون ۾ هڪ ڪيريئر ٽرڪ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جون 74 نيون موٽرسائيڪلون سڙي رک ٿي ويون.تفصيل موجب، واقعو پراڻي سجاد هوٽل جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ 71 GD 110S ۽ 3 GR 150 موٽرسائيڪلون شامل هيون. ڪيريئر ٽرڪ ڪراچي کان ملتان وڃي رهيو هو.ايس ايڇ او گڊاپ سٽي سرفراز جتوئي موجب، باهه سومر ڏينهن 1:20 وڳي لڳي. ڪمپني جي عملي ۽ ڊرائيور فائر برگيڊ جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته، واقعي دوران ڊرائيور معمولي زخمي ٿيو.واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ باهه لڳڻ جو شروعاتي سبب شارٽ سرڪٽ ٻڌايو پيو وڃي. لاڳاپيل ڪمپني گڊاپ سٽي پوليس اسٽيشن ۾ واقعي جي رپورٽ درج ڪرائي آهي.










