اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آچر ڏينهن فوج جي ميڊيا وِنگ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ٻه الڳ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنز دوران 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب: “12 ۽ 13 ڊسمبر 2025 دوران خيبر پختونخواهه صوبي ۾ ٻن الڳ مقابلي وارين ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 13 خارجي دهشتگرد وارج مارجي ويا.”
فتنه الخوارج اهو اصطلاح آهي، جيڪو رياست طرفان پابندي مڙهيل تحريڪِ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بيان ۾ چيو ويو ته پهريون انٽيليجنس بنياد تي آپريشن خيبر پختونخواهه جي ضلعي مومند ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع ملڻ تي ڪيو ويو.
“آپريشن دوران فوجين خوارجن جي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني نشانو بڻايو، ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ست خوارج کي انجام تي پهچايو ويو.”
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ٻيو آءِ بي او بنون ۾ ڪيو ويو، جتي سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ ڇهه دهشتگردن کي بي اثر بڻايو.
بيان ۾ چيو ويو ته: “علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي هيٺ خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي (سينيٽائيزيشن) آپريشن جاري آهن، ۽ قومي ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪاميٽي جي منظوري سان شروع ڪيل ويزن ‘عزمِ استحڪام’ تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بي رحم دهشتگردي خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي، جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد يافته دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آندو وڃي.”
واضح رهي ته نومبر 2022 ۾ ٽي ٽي پي طرفان حڪومت سان جنگبندي ختم ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان، خاص طور خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾، دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي آهي، جتي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔
گذريل مهيني سيڪيورٽي فورسز ضلعي بنون ۾ هڪ آپريشن دوران 22 دهشتگردن کي پڻ ختم ڪيو هو۔










