پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ برسات ۽ طوفاني هوان جي ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 33 زخمي ٿي پيا.خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات، تيز هوا ۽ آسماني بجليءَ سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. پروونشل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب، خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 33 زخمي ٿيا. فوت ٿيلن ۾ 2 ٻار، 4 مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 7 مرد، 12 عورتون ۽ 14 ٻار شامل آهن.پي ڊي ايم اي موجب، اهي حادثا بنون، شانگلا ۽ مانسهره ۾ پيش آيا. خيبرپختونخوا جي مٿانهن علائقن ۾ گليشيئرن جي ڍنڍن ڦاٽڻ جو به خطرو آهي. سخت گرمي ۽ برساتن جي ڪري گليشيئر تيزيءَ سان پگهرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري ناگهاني ٻوڏ (فليش فلڊ) جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. چترال، دير، سوات، ڪوهستان ۽ مانسهره جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هيٺانهن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري ضلعي انتظاميا کي حساس جڳهن جي مسلسل نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪام پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته خطرناڪ علائقن ۾ وقت سر وارننگ ۽ ماڻهن جي نڪرڻ (انخلا) کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ ماڻهو درياهن جي ڪنارن، برساتي نالن ۽ تيز وهڪري وارن هنڌن کان پري رهن.










