ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي بندرگاهه ويجهو لالا زار سوسائٽي جي فليٽ ۾ ڪي پي ٽي جو آفيسر مارجي ويو. واقعي جو سبب گهريلو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب ڪياماڙي ضلعي جي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ مولوي تميز الدين خان روڊ تي واقع لالا زار سوسائٽي ۾ 53 ورهين جي عتيق الرحمان ميمڻ ولد حاجي ڪريم بخش کي گهر ۾ ڇري جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. مقتول ڪي پي ٽي ۾ گريڊ 18 جو آفيسر ھو ۽ مئنيجر اسٽور هو. ڊاڪس پوليس موجب، عتيق الرحمان ميمڻ، سندس ٻي زال ۽ ٻار، سندس پهرين فوت ٿيل زال جي 3 ٻارن کان علاوه لالا زار ۾ ڪي پي ٽي اپارٽمنٽ جي فليٽ نمبر ڊي ايل 8 ۾ رهائش پذير هئا. مقتول ۽ سندس ٻارن وچ ۾ گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران عتيق الرحمان ميمڻ کي ڳچيءَ جي کاٻي پاسي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو. کيس ڪي پي ٽي اسپتال ڪياماري آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، بعد ۾ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.










