ڪي پي حڪومت پاران سوا 2 لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو اعلان

ڪي پي حڪومت پاران سوا 2 لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت زميندارن کان 225,000 ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
خيبر پختونخواهه جي مالي صلاحڪار مزمل اسلم اعلان ڪيو ته خيبر پختونخواهه حڪومت زميندارن کان 225,000 ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي.
هن چيو ته ڪي پي حڪومت پنهنجي وسيلن مان 3500 رپيا في من جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪندي.
خيبرپختونخواهه جي مالي صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته سامان پهچائڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن اندر زميندارن کي ڪڻڪ جي قيمت ادا ڪئي ويندي.
ياد رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال، گئس جي بندش ۽ اٽي جي بحران تي صوبائي حڪومت، اپوزيشن ۽ خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ ئي صفحي تي اچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو