ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ملازم ۽ شهر اندر قبضا مافيا خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪندڙ نويد علي تڳر خلاف مٺياڻي ٿاڻي تي مبينه ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ ايمپلائيز يونين ضلع ڪائونسل جي ملازمن طرفان الله واري چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي پٽيشنر نويد علي تڳر، خادم حسين تنيو، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، ايس ٽي پي اڳواڻ غلام شبير ميراڻي، پ پ شهيد ڀٽو جو راجا رئيس سولنگي، پير اشرف علي، علي اڪبر ميمڻ، نذير چانڊيو، محبوب سولنگي، زيب علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قبضا خوري خلاف ضلع ڪائونسل جي ملازم نويد علي تڳر کاتي جي حڪم تي هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ۽ سکر هاءِ ڪورٽ پڻ ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو هو ته فوري طور تي اهي قبضا ختم ڪرايا وڃن ڇو ته اهي سرڪاري ملڪيتون آهن ۽ جيڪڏهن قبضا خالي نه ڪرايا ويا ته سخت قدم کنيو ويندو جنهن تي ضلعي جي مشهور قبضاخورن جن ضلعي اندر ڪيترن ئي سرڪاري توڙي خانگي ملڪيتن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن انهن مڇرجي نويد تڳر تي ڪوڙي ايف آءِ آر مٺياڻي ٿاڻي تي ايس ايڇ او سليمان وڳڻ قبضاخورن جي ونگار وهندي داخل ڪيو آهي اهڙي عمل خلاف سڄي ضلعي جي ملازمن توڙي سياسي سماجي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي قبضاخورن ۽ قبضاخورن سان ملوث آفيسرن خلاف قدم کنيو وڃي نيب ۽ ايف آءِ اي کي جانچ جو حڪم ڏئي انهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ ملازم نويد تڳر کي تحفظ ڏنو وڃي ڇو ته کيس قبضاخور موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چتاءَ ڏنو ته قبضاخورن خلاف مزاحمت ڪندڙ نويد تڳر کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري ضلعي انتظاميا ۽ قبضاخورن مٿان هوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو