ڪوڙا ڪارڊ اسڪينڊل، ٽن جوابدارن جو رمانڊ منظور

ڪوڙا ڪارڊ اسڪينڊل، ٽن جوابدارن جو رمانڊ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نادرا پاران پرڏيهين کي ڪوڙا شناختي ڪارڊ جاري ڪندڙهڪ ملازم، هڪ ايجنٽ ۽ هڪ ڪارڊ ٺهرائيندڙ کي ايف آءِ اي رمنڊ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي اوڀرجي عدالت ۾ پيش ڪيو. ايف آئي اي ٽنهي جوابدارن محمد امين ڪوڙو ڪارڊ ٺهرائيندڙ، معراج ايجنٽ ۽ عبدالعزيزڊيٽا انٽري آپريٽرکان وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ گهريو ۽ عدالت جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار محمد امين ۽ ان جي والد جي پيدائش ۾ رڳو 9 سالن جو فرق آهي، جوابدار30 هزار روپين عيوض جعلي ڪارڊ ٺهرايو هو. ياد رهي ته سنڌ نادر وارن 40 لک پرڏيهين کي ڪوڙا ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ۽ هن ڪيس ۾ 10 جوابدار اڳ ۾ ئي گرفتار آهن ۽ هيل تائين گرفتار ملازمن، ايجنٽن ۽ فائدو حاصل ڪندڙ گرفتار جوابدارن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو