اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪورونا ڪيسن جي شرح 4.3 سيڪڙو رهي آهي .پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ اين سي او سي جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 62هزار706 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار726 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ وڌيڪ 75 مريض وائرس سببفوت ٿي ويا آهن .سرڪاري رپورٽ مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 4.3 سيڪڙو رهي. گذريل 11 هفتن ۾ ڪورونا ڪيسن جي سڀ کان گهٽ مثبت شرح آهي ۽ ڪورونا جي ٽئين لهردوران سڀ کان گهٽ شرح 3 مارچ تي 4.2 سيڪڙو هئي.ملڪ ۾ ڪورونا وگهي ٽوٽل فوتين جو تعداد 20هزار540 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 9لک11هزار302 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 8لک31هزار744 ماڻهو هن وقت تائين وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي15 لک 31 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي.










