ڪورونا وائرس سبب 87 فوت، انگ 9هزار کان وڌي ويو

ڪورونا وائرس سبب 87 فوت، انگ 9هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪلور جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 87 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 87 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، گذريل ڏينهن 48 هزار 75 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 3 هزار 179  نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت  ٿيلن جو انگ 9 هزار 250 ٿي ويو، جڏهن ته متاثرن جو  انگ 4 لک 54 هزار  673  تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 40 هزار 299 آهي. هوڏانهن سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران  ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17  مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته  صوبي ۾ فوت ٿي ويل مريضن  جو انگ وڌي 3319 ٿي  ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا  وائرس جا 1120 مريض  سامهون آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو