اسلام آباد ( اسٽاف رپورٽر) ڀارت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ بدامني کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڀارتي رياستي دهشتگردي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جِي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران ايل او سي تي ڀارتي فوج جِي فائرنگ کان معصوم شهرين کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو عزم، افغان امن عمل ۾هاڪاري اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. آرمي چيف چيو ته ڀارت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ بدامني کي هٿي وٺرائي رهيو آهي










