ڪوئٽا ۾ اٽي جو بحران، 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2300 ۾ وڪرو

ڪوئٽا ۾ اٽي جو بحران، 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2300 ۾ وڪرو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو آهي ۽ 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2هزار کان 2300 رويپن ۾ وڪامڻ لڳو آهي. خوراڪ جي محڪمي وٽ 8 لک ٻوريون ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ موجود هجڻ باوجود، گذريل سال مارچ ۽ اپريل ۾ نئين ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي هئي، جيتوڻيڪ حڪومت پراڻو اسٽاڪ به وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن وقت صوبي وٽ ڪو به اسٽاڪ باقي نه رهيو آهي. صوبي ۾ اٽي جي بحران جي ڪري، گذريل 3 هفتن ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلي جي قيمت 2,300 رپيا تائين پهچي وئي آهي، جنهن سان عوام جون مشڪلات وڌيون آهن. خوراڪ کاتي، بلوچستان ڪابينا جي منظوري کانپوءِ، اسٽاڪ ۾ موجود ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ جي خطري جي بنياد تي اسٽاڪ ۾ رکيل ڪڻڪ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڇڏي هئي ۽ گدام صاف ڪري ڇڏيا هئا. انهي عمل سان محڪمي کي 6 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو