ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ وٽان گذرندڙ ٽرين جي ويجهو ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 70 زخمي ٿي پيا آهن۔ اطلاعن موجب مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن۔بلوچستان جي اعليٰ پوليس آفيسر ۽ سول انتظاميا جي عملدار بي بي سي کي گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو۔اختيارين طرفان ڌماڪي جي نوعيت بابت اڃا تائين ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن بي بي سي کي ٻڌايو ته بارودي مواد سان ڀريل گاڏي ٽرين سان ٽڪرائجڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ پوءِ باهه لڳي وئي۔بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان شاهد رند موجب فوت ٿيلن ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جا ٽي جوان به شامل آهن۔وزيراعظم شهباز شريف جيڪو چين جي دوري تي آهي، چمن ڦاٽڪ ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي۔ هن چيو ته “دهشتگردي جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستاني عوام جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن۔ اسان دهشتگردي کي ان جي هر شڪل ۾ ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهيون۔”ڪالعدم قرار ڏنل بي ايل اي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي۔ تنظيم جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته “ڪوئيٽا ڪينٽ مان فوجي اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ٽرين کي نشانو بڻايو ويو۔”
“انجڻ سميت ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون”
وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي موجب آچر جي صبح ڪوئيٽا ڪينٽ کان ايندڙ شٽل ٽرين چمن ڦاٽڪ ڀرسان ڌماڪي جي زد ۾ آئي۔ ڌماڪي جي نتيجي ۾ انجڻ سميت ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته ٻه بوگيون اونڌيون ٿي ويون۔هن چيو ته هي واقعو بزدلاڻي دهشتگردي آهي ۽ اهڙا حملا قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن۔ سندس چوڻ هو ته “ڀارت ۽ افغانستان مان هلندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا۔”اکين ڏٺن شاهدن بي بي سي کي ٻڌايو ته صبح اٺين وڳي ڌاري جڏهن شٽل ٽرين ڪوئلا ڦاٽڪ کان چمن ڦاٽڪ جي ويجهو پهتي ته بارودي مواد سان ڀريل گاڏي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو۔ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گاڏي جي ٽڪرائجڻ بعد دونهين جو وڏو ڪڪر اٿي ٿو ۽ باهه انجڻ ۽ گاڏن کي وڪوڙي وڃي ٿي. ڌماڪي سبب هڪ بوگي ۾ باهه لڳي وئي ۽ اها مڪمل طور تباهه ٿي وئي۔
“شٽل سروس جا مسافر جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيڻ وارا هئا”
ڪوئيٽا ريلوي اختيارين بي بي سي کي ٻڌايو ته شٽل ٽرين ۾ مسافرن کي ڪينٽ اسٽيشن کان سٽي ريلوي اسٽيشن آندو پئي ويو ۽ انهن مسافرن کي جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيڻو هو۔اختيارين موجب هتان کان انهن مسافرن کي پشاور جو سفر شروع ڪرڻو هو، ۽ انهن ۾ گهڻا سرڪاري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار شامل هئا، جيڪي عيد جي موڪلن لاءِ پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا۔ريلوي ٽريڪ جي چوڌاري موجود درجنين گهرن کي به نقصان پهتو آهي ۽ انهن ۾ به ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن۔ باهه ايتري سخت هئي جو ريلوي لائين ڀرسان پارڪ ٿيل ڪيتريون گاڏيون به سڙي ويون آهن. واقعي واري هنڌ تي ڪرين پڻ موجود آهي، جنهن ذريعي بوگين کي ٽريڪ تان هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، پر اتي ميڊيا کي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي۔واقعي واري هنڌ تي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار موجود آهن۔ اختيارين اڃا تائين ڌماڪي جي نوعيت يا فوتين بابت ڪو سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو۔بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائي دهشتگرد پنهنجي بي رحمي جو ثبوت ڏئي رهيا آهن۔سندس چوڻ هو ته بيگناهن جو رت وهائيندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، ۽ اسان انهن جي سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين۔ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز شهر ۾ پري پري تائين ٻڌو ويو۔ ڌماڪي سبب ڪوئيٽا شهر جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي۔حنيف عباسي موجب سيڪيورٽي فورسز فوري طور علائقي کي گهيري ۾ وٺي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته امدادي ڪاررواين لاءِ ريسڪيو ٽرڪ ۽ رليف ٽرين به واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن۔هن چيو ته پاڪستان ريلوي جون آپريشنل سرگرميون بنا رڪاوٽ جاري رهنديون، جڏهن ته واقعي جي رپورٽ به جلد سامهون اچي ويندي۔فقير آباد جي رهواسي نصير احمد ٻڌايو ته “ٽرين وڃي رهي هئي جنهن ۾ مسافر به هئا، جڏهن ڌماڪو ٿيو ته ان سبب اسان جا گهر تباهه ٿي ويا۔”هن چيو ته “آچر هجڻ سبب اسان سمهي رهيا هئاسين ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، گهر جا سڀ شيشا ٽٽي ويا، دروازا ۽ دريون ڪري پيون۔”پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔
ايران ٽرين تي ٿيل بزدلاڻي ۽ نفرت جوڳي خودڪش دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿو،سفير
ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ايراني سفير چيو ته “ايراني حڪومت ٽرين تي ٿيل بزدلاڻي ۽ نفرت جوڳي خودڪش دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿي، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ بيگناهه شهري مارجي ويا آهن۔” ياد رهي ته ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جو نشانو بڻجندي رهي آهي۔ هي ٽرين صبح نَوَ وڳي ڪوئيٽا کان رواني ٿيندي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن شام ستين وڳي ان جي پشاور پهچڻ جو وقت مقرر آهي۔ دهشتگردي جي واقعن ۽ ريلوي ٽريڪ تي تخريبڪاري سبب مختلف موقعن تي هي ٽرين سروس معطل پڻ رهي آهي۔ گذريل سال 11 مارچ تي هٿياربند عسڪريت پسندن بلوچستان جي علائقي بولان ۾جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪري ان کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو هو ۽ مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو هو۔ جنهن بعد ٽرين ۽ مسافرن جي بازيابي لاءِ پاڪستاني فوج آپريشن ڪيو هو۔ پاڪستان فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٽرين تي حملي ۾ ملوث 33 عسڪريت پسند مارجي ويا هئا، جڏهن ته حملي ۾ عسڪريت پسندن 18 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 26 ماڻهن کي قتل ڪيو هو۔ آچر واري واقعي ۾ جعفر ايڪسپريس کي سڌو سنئون نشانو نه بڻايو ويو، پر هن ڀيري ان جي مسافرن کي کڻي ويندڙ شٽل ٽرين تي حملو ڪيو ويو۔
صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت
صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دشمن عناصر پاڪستان جي عوام کي نقصان پهچائڻ سان گڏ پاڪستان جي عالمي امن ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا.صدر آصف علي زرداري چيو ته دنيا دهشتگردن ۽ سندن سرپرستن جو اصل چهرو ڏسي ته اهي ڪنهن ريت پاڪستان جي عالمي امن جي ڪوششن کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان دهشتگردن، سندن سهولتڪارن، مالي سهائتا ڪندڙن ۽ کين محفوظ پناهگاهون ڏيندڙن کي شڪست ڏيندو.وزيراعظم شهباز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته بزدلاڻا حملا عوام جا حوصلا پسٽ (گھٽ) نٿا ڪري سگهن، ڏک جي هن گهڙي ۾ بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺا آهيون.
مريم نواز پاران قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر ٿيل خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.وڏي وزير مريم نواز شريف زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
بزدلاڻيون ڪارروائيون قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، بلاول ڀٽو
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان بزدلاڻي دهشتگرد ڪارروائي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين ۽ عوامي تنصيبات (ملڪيتن) کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انسانيت ۽ امن جا دشمن آهن، بزدلاڻيون دهشتگرد ڪارروائيون دهشتگردي خلاف پاڪستاني قوم جي عزم کي هرگز ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪن ۽ پاڪستان دشمن عنصرن جون ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون سازشون ناڪام ٿينديون.
مراد شاهه پاران چمن ڦاٽڪ ويجهو ٽرين ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ويجهو ٽرين ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته معصوم شهرين ۽ مسافرن کي نشانو بڻائڻ هڪ بزدلاڻو ۽ انسانيت سوز عمل آهي، پر اسان جي قوم متحد آهي ۽ دهشتگرد عنصر ملڪ جو امن خراب نٿا ڪري سگهن. هن بلوچستان حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي واضع ڪيو ته ڏک جي هن ڏکي گهڙي ۾ سنڌ حڪومت ۽ عوام بلوچستان جي ڀائرن سان گڏ بيٺا آهن.
نقوي ڪوئيٽا پهچي ويو، چمن ڦاٽڪ ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چمن ڦاٽڪ ڌماڪي کانپوءِ ڪوئيٽا پهچي ويو، شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ هڪ خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئي جي بلوچستان پوليس ڪوئيٽا چمن ڦاٽڪ ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ هن بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.محسن نقوي چيو ته وفاقي حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ بلوچستان حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، درندن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي بدترين سفاڪي جو مظاهرو ڪيو آهي، شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته اسان گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورائتا آهيون جيڪي هر ڏکي گهڙي ۾ بلوچستان سان گڏ رهيا آهن، اسان شهيدن جي رت جا قرضي آهيون ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي سندن منطقي انجام تائين پهچائينداسين. مير سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته شهيدن جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ زخمين جي بهترين علاج معالجي جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آئي جي بلوچستان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.










