حيدرآباد(نمائندن وٽان ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم خلاف اعلانيل ڪارو ڏينهن جي حوالي سان حيدر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيصل مغل، مجلس وحدت المسلمين جي مولانا عمران علي دستي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ سليم ترين، هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري سميت عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ مٿان آئيني مارشل لا مڙهي وئي آهي. جنهن خلاف اٿندڙ آواز کان ڊڄي سنڌ جي حڪمرانن هتي قلم 144 مڙهي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي هنئين وئي آهي. هنن چيو ته ملڪ جي اعلا عدالت جي حيثيت ختم ڪري هڪ اهڙي عدالت جوڙي وئي آهي. جيڪا حڪمرانن جي مرضي سان هلائي ويندي. هنن چيو ته پيڪا ايڪٽ مڙهي آواز کي دٻايو ويو. 27هين ترميم دوران عدليه جي قانوني ۽ آئيني حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. هنن چيوته حڪمرانن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اسلام آباد جهڙي شهر ۾ دهشتگردن حملو ڪيو. هاڻي عدليه به محفوظ ناهي بارڊر جي صورتحال به خراب آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به قانون ناهي رهيو ادارا ۽ معيشيت تباهه ٿي وئي آهي. عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته اسان سنڌي ڪي پي ڪي. پنجاب ۽ بلوچستان جيان آزاد حيثيت ۾ رضاڪارانه طور هن ملڪ ۾ شامل ٿيا هئاسين. پر هاڻي اسان جي حيثيت ختم ڪري طاقت جي زور تي اسان مٿان فيصلا مڙهيا پيا وڃن. جيڪي اسين قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو اسان به بنگال جيان نڪري پئون. هن چيو ته 2024 واري اليڪشن ۾ هٿ ٺوڪي حڪومت مڙهي. 26هين ۽ 27هين ترميم مڙهي آئين کي ڪمزور ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڪيترن ئي سياستدانن کي نااهل ڪري سياست کان پري ڪيو ويو آهي. اسٽبلشميٽ کي جيڪڏهن من پسند ماڻهو ئي ملڪ تي مڙهڻا آهن ته پوءِ اليڪشن وارو ڊرامو بند ڪري حڪومتن ۽ جمهوريت جي نالي لڪڻ بجاءِ سڌي مارشل لا سڌو جهيڙي جي ميدان ۾ لهو. هن چيو ته حڪومتون ايتريون ڪمزور آهن جو وڏي وزير جي حيثيت به ناهي. هن چيو ته هي ملڪ هاڻ بندوق جي طاقت تي نه هلندو. صوبن کي آزاد ڪري منصفاڻه اليڪشن ڪرائي مڪمل اختيار ڏنو وڃي. هنن چيو ته ان قانون خلاف آواز اٿاريندڙن تي ڪيس داخل ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسين ڪنهن به ڪيس کان ڊڄڻ وارا ناهيون. 27هين ترميم خلاف جدوجهد جاري رهندي. هنن چيو ته 27هين ترميم خلاف وڪيلن سميت سياسي سماجي پارٽيون سراپا احتجاج بڻيل آهن. اسان جي جدوجهد آئين جي اصل حالت ۾ بحالي، عوام ۽ سنڌ ڌرتي جي حقن ملڻ تائين جاري رهندي. پرامن جدوجهد کان اسان کي ڪير به نٿو روڪي سگهجي.نواب شاھھ 27هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاج مظاهرو ڪيو ويو تفصيل موجب: نواب شاھ تحريڪ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ؛مرڪزي اڳواڻ محترم مجيب ماچي جي اڳواڻي ۾( ڊي سي چوڪ)کان -پريس ڪلب نواب شاھ ريلي ڪڍي احتجاج ريلي SUP ضلعي صدر ڊاڪٽر زين پٽو PTI نواب شاھ جو اڳواڻ مجيب لاکو مجليس وحدت مسلم اڳواڻ غلام شبير ڪانھيون گل حسن رند تعلقي صدر ميرجان مگسي ميونسپل صدر ڊاڪٽر ممتاز تصور ڦل ساجد ڪيريو ايڊوڪيٽ سچل ماچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهري دوران اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۾ لاڳو ڪيل 26هين ۽ 27هين سميت سڀني غير آئيني ترميمن جي ڀرپور مزاحمت ڪندا. انهن زور ڏنو ته آئينِ پاڪستان کي 40 واري قرارداد مطابق ان جي اصل روح ۽ حقيقي شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي، ڇو ته هي معاملو ملڪ جي وسيع مفاد سان تعلق رکي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته 27هين ترميم کانپوءِ عدالتون ڪينگرو ڪورٽن کان به بدتر ٿي ويون آهن ۽ پارليامينٽ سپريميسي هيٺ اچي وئي آهي. سنڌ حڪومت قلم 144 ذريعي خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا عدلي نظام جي آزادي تي اثرانداز ٿئي ٿي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا اڳواڻن چيو ته اهي 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي سول مارشل سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي آئين جي وقار ۽ اصل روح جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندا. 26 ويهين ۽ 27 وهين ترميم خلاف تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران اعلانيل ڪارو ڏينھن ملهائڻ دوران عمرڪوٽ پوليس جي روڪ ٿام باجود ايس يو پي ضلعي صدر امتياز ڪنڀر، سيڪريٽريءَ ثناء ساند، مھر علي سمون، باغي شاهد ساند، عبدالغني بجير، اسد سولنگي، ٽيڪم ميگھواڙ، اسلم ٻٽو، گورڌن سنڌي، دودو امراڻي، نهال منڱريو سياف زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ صدر راجا سوڻيکي پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي. اڄ محرابپور ۾ 26هين آئيني ترميم ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، پي- ٽي- آءِ، شهيد ڀُٽو، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ جسقم جو گڏيل احتجاج ٿي گذريو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سيڪريٽري سرواڻ جوکيي، ايس يو پي محرابپور تعلقہ صدر ڊاڪٽر قمر حسين شيخ، ايس يو پي ٽائون صدر رونق عباس شاهہ، يوسي ڪوٽڙيءَ جي صدر شاهزيب شاهہ، پي- ٽي- آءِ جي طرفان ڊويزن نائب صدر ڊاڪٽر ارشد محمود مغل، ڊويزن اڳواڻ مولا بخش ٿيٻو ۽ مجاهد سامٽيو، تعلقہ محرابپور جنرل سيڪريٽري شاهہ جهان، شهيد ڀُٽو محرابپور تعلقہ صدر مير شاهنواز سولنگي، جسقم تعلقہ صدر ضمير حسين ميمڻ، وڪيل دوست آصف رنڌاوا، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ولايت حسين نوناريءَ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي 26هين آئيني ترميم ۽ 27هين آئيني ترميم کي ملڪ لاءِ خطرناڪ سمجهندي، واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. هنن ترميمن سان ملڪ تي آئيني مارشلا لاڳو ڪري، جهموريت کي ختم ڪيو ويو آهي. جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. حڪمران قبلو درست ڪري، انهن ترميمن کي واپس وٺن ٻي صورت ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ جا روڊ رستا بند هوندا. بدين ۾ وڪيل تنظيمن جي سڏ تي ضلعي جي وڪيل برادري طرفان 26هين، 27هين ۽ تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميمن خلاف عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن سبب وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا ۽ سڄو ڏينهن عدالتي ڪم معطل رهيو. ضلعي بار ايسوسيئيشن بدين جي صدر لالہ دلدار پٺاڻ ايڊووڪيٽ ۽ جنرل سيڪريٽري امير آزاد ڦنڦور ايڊووڪيٽ جي اڳواڻي ۾ وڪيلن عدالت چورنگي کان ضلعي ڪورٽ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي. وڪيلن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي آئيني ترميمن خلاف نعرا لکيل هئا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حڪمران ڌر زبردستي، بنا صلاح مشوري ۽ غير جمهوري طريقي سان ملڪ جي آئين ۾ تبديليون آڻي رهي آهي، جيڪي نه رڳو پارليامينٽ جي بالادستي پر آئينِ پاڪستان جي روح جي به توهين آهن. وڪيل اڳواڻن چيو ته 27هين ترميم ۽ ٻين تجويز ڪيل ترميمن جو مقصد ادارن ۾ غير ضروري مداخلت ۽ آئيني ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ آهي، جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وڪيلن واضح ڪيو ته آئيني سڌارن جي واپسي ۽ آئين جي مڪمل بحالي تائين سندن احتجاج جاري رهندو. انهن چيو ته ملڪ ۾ آئيني تقدس بحال ڪرڻ ۽ ادارن جي حلقي بندي قائم رکڻ لاءِ قانوني برادري هر محاذ تي جدوجهد جاري رکندي. احتجاج دوران وڪيلن حڪومت کان گهر ڪئي ته عوامي راءِ، پارلياماني اصولن ۽ جمهوري قدرن جو احترام ڪندي متنازع ترميمن کي فوري طور واپس ورتو وڃي، جيئن ملڪ ۾ آئيني استحڪام ۽ قانوني نظام تي عوام جو اعتماد برقرار رهي. 27 آئيني ترميم نامنظور ، ايس يو پي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ضلع مٽياري جو مظاھرو 27 ترميم ۽ پيپلزپارٽي خلاف شديد نعريبازي،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع مٽياري ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ايس يو پي اڳواڻ ارشد رسول آخوند ۽ دوست علي شيخ جسقم ضلع مٽياري جي صدر ذوالفقار ڏيٿو . شھزاد سنڌي . صدام کوسو . وڪيل اڳواڻ سجاد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان 27 آئيني ترميم خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ايس يو پي جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي اڄ پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته 27 آئيني ترميم ۾ سمورا اختيار اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪيا ويا آھن ھاڻي ته سياسي قيادت توڙي جوڊيشري به اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ھيٺ اچي ويا آھن 27 آئيني ترميم سان صوبن جا اختيار ختم ڪري وفاق حوالي ڪيا پيا وڃن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته 27 ترميم کان پوء 28 ترميم جون ڳالھيون ھلندڙ جنھن ۾ صوبن کي ورھائڻ جون ڳالھيون پيون ھلن پر اسان ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته جيستائين به ھڪڙو سنڌ جو غيرتمند پٽ زندھ ھوندو سنڌ تقسيم نه ٿيندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيستائين ترميم ختم نه ٿي ڪئي وڃي اسان جو احتجاج جاري رھندو










