اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ويجهو ڪمون شهيد بگڙا ڪوري جو رهواسي قبول ڪوش جي ڌاڙيلن تشدد واري ويڊيو وائرل ڪري وارثن کان 2 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي،اوٻاوڙو ڪجھ مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان قبول ڪوش اغواھ ٿي ويو هو جن جون نياڻيون پاڪ ڪتاب کڻي ميڊيا تي ان جي بازيابي لا۽ احتجاج ڪيو هو،ضلع گهوٽڪي ايس ايس پي گهوٽڪي لا۽ امن ڪرائڻ لا۽ سواليا نشان بڻجي چڪو آهي ذرايع مطابق ڪچي جي ڏوهارين وٽ وڏي تعداد ۾ مغوي قيد بڻيل آهن جن جي هر هفته مخطلف مغوين جي ڌاڙيل تشدد واري ويڊيو ٺاهي وائرل ڪن ٿا،ان کان علاوه جڏهن هو مغوي بازياب ڪرايا وڃن ٿا ته. ان وقت ڪنهن به قسم جو جينيئن پوليس مقابلو نه ٿو ڏيکاريو وڃي خبر ناهي ته هو پوليس يا ڪنهن بااثر جي راز، داني سان يا ڀنگ ڀري واپس ٿيئن ٿا،غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي روزي ڪمائڻ لا۽ به گهران نه ٿا نڪري سگهن. جڏهن ته ڌاڙيلن خلاف سنڌ سرڪار آپريشن لا۽ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا پوليس جا جوان به شهيد ٿيا مگر ڏوھ اڃان تائين رڪجي نه سگهيو.










