ڪمشنر جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اهم اجلاس،هدايتون

ڪمشنر جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اهم اجلاس،هدايتون

نوابشاھه (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور چيو آھي تہ ھر ٻار کي امڪاني معذوري کان بچاء لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ اسان جو قومي ۽ مذهبي فريضو آهي، انھيءَ ڪري پوليو خلاف قومي مهم دوران پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ جو حدف هر صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي ڪميٽي روم ۾ضلع اندر 22 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ستن ڏھاڙن واري پوليو خلاف قومي مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو تہ پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن جي افاديت متعلق والدين کي آگاھي فراهم ڪئي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ پوليو خلاف مهم دوران ڪوتاھي ڪندڙن سان ڪابه رعايت نہ ڪئي ويندي ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عملي جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ته ھو پنھنجن تعلقن ۾ صحت کاتي سان ڪو آرڊينيشن ۾ رھندي پوليو مهم جي نگراني ۽ فيلڊ وزٽ دوران ٽيمن جي ڪاڪردگي جو جائزو وٺن، جڏهن تہ روزاني جي بنياد تي پوليو مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيا وڃن ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن جي تربيت ۽ مائڪرو پلان جي تياري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي جڏهن ته شهرن جي داخلي رستن تي قائم ٽرانزٽ پوئنٽ ٽيمن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي ۽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله بخش راجپرٻڌايو ته پوري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ پوليو خلاف قومي مھم 22 کان 28 آگسٽ تائين منعقد ٿي رھي آھي جنھن دوران ضلع جي پنج سال عمر تائين جي 3 لک 96 ھزار 379 کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا انھي مقصد لاءِ ٽوٽل 1078 ٽيمون جوڙيون ويون آھن جن ۾ 952 موبائل، 52 ٽرانزٽ، 74 فڪسڊ ۽ 30 ايس ايم ٽي ٽيمون شامل آهن ھن وڌيڪ ٻڌايو ته مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي تربيت، يوسي سطح تي مائڪرو پلان، ويڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ سميت ٻيا سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن اجلاس ۾ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري، ڊاڪٽر رياض شاھ،ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير محمد صابر قريشي،ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض احمد شر، ڊاڪٽر آمينه بروهي سميت پوليس، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو