شڪارپور (عبدالخالق سومرو) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، حفيظ ڪلهوڙو ۽ دلاور جوڻيجو جي ڌرين پاران ھڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 7 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا ۽ 2 زخمي بعد ۾ اسپتالن ۾ فوت ٿيا ۽ مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو. جوڻيجا ڌر جي مارجي ويلن ۾ مدن جوڻيجو, معشوق جوڻيجو, عاشق جوڻيجو, علي رضا جوڻيجو۽ مرزا جوڻيجو شامل آهن.جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جا ٻڍل ڪلھوڙو، حفيط ڪلهوڙو بادل ۽ ابرار ڪلهوڙو شامل آهن. پوليس تماشو ڏسندي رهي ڪافي دير بعد لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ پراڻي تڪرار تان ٿي. ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ڪجهه ڏوهاري به شامل آهن.










