’ڪلائوڊ فليئر‘ جي نظام ۾ خرابي عالمي سطح تي انٽرنيٽ متاثر

’ڪلائوڊ فليئر‘ جي نظام ۾ خرابي عالمي سطح تي انٽرنيٽ متاثر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڱاري ڏينهن ’ڪلائوڊ فليئر‘ جي سسٽم ۾ ٿيل فني خرابي سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انٽرنيٽ جي رسائي سخت متاثر ٿي آهي. هي ڪمپني دنيا جي ڪيترن ملڪن ۽ وڏين ڪمپنين کي انٽرنيٽ ۽ دي اين ايس فراهم ڪري ٿي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ گڏوگڏ سروس جي بحالي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهن. ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسانجي سرورز ۾ 500 کان مٿي غلطيون ڊيش بورڊ تي رپورٽ ٿيون آهن جنهن سبب عالمي نيٽ ورڪ متاثر ٿيو آهي.ڪمپني جو اهو به چوڻ آهي ته سندن اي پي آءِ به ناڪام ٿي رهيون آهي. شام 5:21 وڳي هڪ اپڊيٽ ۾ ڪمپني چيو ته: ”اسين سروسز کي بحال ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، پر گراهڪ شايد اڃا به وڌيڪ ايرر ريٽ ڏسي سگهن ٿا، اسين بحاليءَ جي ڪوششن کي جاري رکون پيا.“ عالمي انٽرنيٽ واچ ڊاگ NetBlocks به چيو ته Cloudflare جي عالمي نيٽ ورڪ تي ٽيڪنيڪل مسئلي سبب آن لائين سروسز جي وڏي رينج ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي واقعو ”ملڪي سطح تي انٽرنيٽ رڪاوٽن يا فلٽرنگ“ سبب پيش ناهي آيو. Downdetector موجب، پاڪستان مان صارفين مختلف رپورٽس ۾ ڏيکاريو ته Cloudflare سان مسئلا 4:10 وڳي کان شروع ٿيا. OpenAI، Amazon Web Services ۽ Facebook سان به پريشانيون رپورٽ ٿيون آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم X به آمريڪا ۽ دنيا جي هزارين يوزرز لاءِ ڊائون ٿي ويون. ڊائونڊٽيڪٽر ڊاٽ ڪام موجب صبح 6:41 وڳي (ايسٽرن ٽائيم) تائين سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان 11,500 کان وڌيڪ رپورٽس آيون آهن. اهو فوري طور تي واضح ناهي ته ڇا اهي آئوٽيجز هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. رائٽر جي رپورٽ موجب ڪلائوڊ فليئر ۽ ايڪس ان جي سبب بابت ڪو موقف ناهي ڏنو. ڪلائوڊ فليئر جي نظام ۾ جون 2022 ۾ به وڏي پيماني تي آئوٽيجز رپورٽ ٿيون هيون ۽ دنيا جون ڪيتريون ئي مشهور ويب سائيٽس تائين رسائي رڪجي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو