ڪشمور ، گڊو ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان زخمي

ڪشمور ، گڊو ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان زخمي

ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور لڳ گڊو ويجهو ڦر جي ڪوشش دوران نوجوان زخمي، گڊو ويجهو 17 آر ڊي وٽ نامعلوم هٿياربندن نوجوان محمد علي مزاري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان جي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گولي هڻي کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي سندس وارثن پاران فوري طور گڊو جي نجي اسپتال پهچايو ويو، جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو