اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ڪرغز عورت جي پٽ جي اغوا ڪيس ۾ اڳوڻي مڙس ڊاڪٽر زيب کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڪرغز عورت جي اڳوڻي مڙس پاران پٽ جي اغوا واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي خيبرپختونخواهه جو آءِ جي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ٻار ۽ سندس پيءُ ڪٿي آهن؟ان موقعي تي آءِ جي خيبرپختونخواهه ٻڌايو ته صوابي جو رهواسي ڊاڪٽر زيب هن وقت نارووال ۾ آهي.هن چيو ته پوليس جي ڇاپي کان 2 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر زيب ٻار سميت غائب ٿي وئي هئي، کيس وڪيل سيڪريٽري ذريعي عدالت جي حڪم بابت ٻڌايو ويو هو. عدالت پنجاب پوليس کي سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ عورت جي پٽ ۽ اڳوڻي مڙس کي هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس کي ڪي پي پوليس سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










