لاهور(ويب ڊيسڪ)برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر لاهور وارن لاءِ اردو ۾ خاص پيغام جاري ڪيو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ڪرسچن ٽرنر چيو ته مان اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ آهيان، هتي جو منظر بيان نٿو ڪري سگهان.هن چيو ته ڪراچي ۾ سنسني خیز ميچن کانپوءِ هي ميڙ سندن ٽيم جي حمايت لاءِ آيو آهي.ڪرسچن ٽرنر لاهور وارن کان پڇيو ته اصل راند هاڻي شروع ٿيندي، ڇا توهان تيار آهيو؟










