ڪراچي، گهريلو جهيڙي دوران زال هٿان مڙس گولي هڻي قتل

ڪراچي، گهريلو جهيڙي دوران زال هٿان مڙس گولي هڻي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون سيڪٽر 11.30 ۾ گهريلو تڪرار دوران 35 سالن جي محمد حسين گولي هڻي قتل ڪيو ويو، پوليس موجب، واقعو مڙس ۽ زال جي وچ ۾ تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو ۽ شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته فائرنگ مقتول جي زال ڪئي هئي ۽ استعمال ٿيل پستول حسين جو ئي هو، فوري ڪارروائي ڪندي اقبال مارڪيٽ پوليس عورت کي گرفتار ڪري قتل جو هٿيار هٿ ڪيو، پوليس عملدارن چيو ته جوڙو ڪافي عرصي کان تڪرار ۾ هو ۽ هڪ هفتو اڳ ساڳئي تڪرار ۾ هڪ خاندان جو ميمبر زخمي ٿيو هو جنهن دوران خاندان کي گولي هڻي ماريو ويو هو. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، مقتول جي لاش کي رسمي ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو