ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پنجاب ڪولوني انڊر پاس ۾ ٽريفڪ حادثي جو هڪ زخمي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.پوليس موجب، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ رياض ۽ اسحاق جي نالن سان ٿي آهي ۽ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق پنجاب جي شهر جلال پور سان آهي، ٽئي ڄڻا مزدوري ڪري گهر موٽي رهيا هئا ته ساڻن اهو حادثو پيش آيو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ ملوث ٽرڪ ڊرائيور ۽ سندس مددگار (ڪلينر) واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.










