ڪراچي، مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلا، 9 جوابدار گرفتار

ڪراچي، مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلا، 9 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قائد جي شهر جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان پوليس مبينا مقابلن کانپوءِ 9 زخمين سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اسلحو، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ورتيون.سُڪڻ پوليس ڀينس ڪالوني روڊ جي ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ زخمي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف گلشن معمار پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سچل پوليس عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي ويجهو ٻطرفي فائرنگ کانپوءِ هڪ زخمي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو پر سندس ساٿي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو، سپر مارڪيٽ پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، گرفتار جوابدار فرار ٿيندي ڪري پيو ۽ زخمي ٿيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سپر هاءِ وي جي ويجهو پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، قائد آباد مرغي خانه پُل جي ويجهو پڻ مبينا مقابلي ۾ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح نيو ڪراچي صنعتي علائقي (انڊسٽريل ايريا) جي پوليس صبا سئنيما جي ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ زخمي سميت 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان اسلحو، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو