ڪراچي، صبح جي موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌي رهڻ جو امڪان

ڪراچي، صبح جي موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌي رهڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهر ۾ صبح جو موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب، شهر ۾ موسم گرم ۽ نم رهندي، سڄو ڏينهن آسمان صاف رهندو ۽ روشن سج لهندو، موسميات کاتي چيو ته ڪراچي ۾ هوائن جو رخ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هوائون اتر اوڀر کان هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو آهي، موسميات کاتي موجب، اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، موسميات کاتي اهو به چيو ته ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو