ڪراچي ۾ ڪٿي به احتجاج نه پيو ٿي، شهري افواهون نه ٻڌن

ڪراچي ۾ ڪٿي به احتجاج نه پيو ٿي، شهري افواهون نه ٻڌن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس شهر ۾ احتجاج جي خبرن کي افواهه قرار ڏنو آهي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي انهن تي ڌيان نه ڏين.ڪراچي ۾ هڪ مذهبي جماعت جي احتجاج جي سڏ جي جواب ۾ پوليس مختلف هنڌن تي وڏي نفري مقرر ڪئي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ صورتحال هن وقت معمول تي آهي ۽ شهر ۾ ڪٿي به ڌرڻا يا احتجاج نه ٿي رهيا آهن، شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، جنهن جي ڪري ڪنهن کي به احتجاج ڪرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته پوليس مظاهرين سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف طريقن سان افواهه پکيڙيا پيا وڃن، شهري افواهن تي ڌيان نه ڏين، ڪراچي ۾ اڃا تائين ڪٿي به احتجاج نه ٿي رهيو آهي، ڌرڻن ۽ احتجاج جي افواهه سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن دڪانون بند ڪري ڇڏيون آهن، پوليس موجب نيو ڪراچي ۾ احتجاج جي ڪوشش ڪئي وئي پر مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو، جڏهن ته فساد ۾ ملوث 10 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي سنڌي هوٽل جي ويجهو هڪ مذهبي گروپ جو احتجاج ختم ٿي ويو آهي ۽ صورتحال معمول تي آهي، روڊ ٽريفڪ لاءِ ٻيهر کوليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو