ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪسٽم جا ٻه اعليٰ آفيسر پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن گم ٿيل ۾ آفيسرن ۾ اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن جو سپرنٽينڊنٽ طارق محمود ۽ ياور عباس شامل آهن گذريل رات 9 وڳي کان ٻنھي آفيسرن سان رابطو نه ٿيسگهيو ، وارث پريشان آهن آفيسرن جا موبائيل فون به بند ٿي ويا،رابطو نه ٿيڻ تي وارثن ٿاڻي تي اطلاع ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون










